وڏي وزير جي ڪاوڙ، ڊي سي ڄامشورو موڪل تي هليو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جي ڪاوڙ کانپوءِ ڊي سي ڄامشورو موڪل تي هليو ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڪاوڙ کانپوءِ ڊي سي ڄامشورو موڪل تي هليو ويو.

سنڌ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ ڪيترن ئي ڊپٽي ڪمشنرز کي عهدن تان هٽايو يوو هو، بدانتظامي ۽ خراب ڪارڪردگي تي قمبرشهدادڪوٽ ۽ سکر جي ڊپٽي ڪمشنرز کي بدلي ڪيو ويو هو.

ذريعن موجب ڄامشوري جو ڊپٽي ڪمشنر فريد مصطفيٰ ڊگھي عرصي کان مقرر هيو پر سيوهڻ ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي سنڌ جي وڏو وزير ڊپٽي ڪمشنر تي ڪاوڙيل هيو.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي ڪاوڙ کانپوءِ ڊي سي ڄامشورو فريد مصطفيٰ موڪل تي هليو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعليٰ هائوس جي ايڊيشنل سيڪريٽري آصف جميل کي ڊي سي ڄامشوري جي واڌو چارج ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.