نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، عمران خان کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي: جاويد لطيف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته سياسي پارٽين لاءِ ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي، ادارا عمران خان جي بيانن جو نوٽيس وٺن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته عمران خان ملڪ ۾ فتنو ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ گهري ٿو، هو مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هوته عمران خان ادارن کي للڪاري رهيو آهي، عمران خان جو فتنو هلي پيو ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿيندي، جيڪڏهن کيس نه روڪيو ويو ته سخت عوامي ردعمل اچي سگهي ٿو.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عمران اقتدار لاءِ  دربدر آهي، پهرين اقتدار لاءِ هو سليڪشن ڪميٽي تي ڀاڙي رهيو هو، هاڻي آمريڪين تي ڀاڙي رهيو آهي.

جاويد لطيف چيو ته رياستي ادارن جو احترام آهي، ادارا عمران خان جي ڳالهين جو نوٽيس وٺن، سياسي پارٽين لاءِ ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو هو ته نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، عوام جنهن نموني سندس آجيان ڪندو، عمران خان کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي، کيس اين آر او نه ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.