سڏ ڏنو ته عوام جو سمنڊ ٻاهر نڪرندو، حڪومت برداشت نه ڪري سگهندي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڏ ڏنو تھ حڪومت برداشت نه ڪري سگھندي، عوام جو سمنڊ ٻاهر نڪرندو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آھي ته هڪڙا چون ٿا ته ٻوڏ آهي سياست نه ڪيو ٻيا منهنجي پارٽي کي ڪرش ڪرڻ لڳا آهن.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته  26سالن جي سياست ۾ ڪڏهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ھر شئي قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رھي ڪري ڪئي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت ٻوڏ تي سياست ٿي رهي آهي، اسان کي چيو پيو وڃي ته ٻوڏ آهي سياست نه ڪيو ۽ ٻئي پاسي منهنجي پارٽي کي ڪرش ڪرڻ لڳا آهن، جيڪي ماڻهو سياسي فنڊنگ ڪندا هئا انهن کي هيسايو ڪيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته معيشت سنڀلجي نه پئي، پاڪستان سريلنڪا جي نقش قدم طرف وڃي رھيو آھي، جڏھن مان سڏ ڏيندس تھ حڪومت برداشت نھ ڪري سگھندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته حڪومت سان رڳو صاف ۽ شفاف چونڊن واري معاملي تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، معيشت جي بهتري جو حل صرف شفاف چونڊون آهن.

پنهنجي خلاف دهشتگردي واري ڪيس بابت سوال تي عمران خان چيو ته اهو ڪيس دنيا آڏو مذاق بڻجي ويو آهي، اها ڄاڻ هئڻ باوجود هي ڪيس هڪ مذاق آهي، اڄ آئون عدالت ۾ پيش ٿيس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.