ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 19 ڀاتي منشيات ڪيس ۾ بند، غريبن تي اڃا ڪيترو ظلم ڪندا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽ:ماريا اسماعيل) سنڌ پوليس جي هڪ ٻيو ڪارنامو، ٽن ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جي 19 ڄڻن کي منشيات رکڻ جي ڏوهه ۾ جيل موڪليو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقارسانگي جي  سنگل بئنچ  ايس ايس پي ٺٽو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته ”توهان جتي به وڃو، ماڻهن تي منشيات رکڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪريو ٿا، ٻارن ۽ عورتن کي به بغير ٽرائل جي جيل موڪليو ويو آهي،“ عدالت چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته 9 گرام ۽ 1000 گرام چرس. خاندان جي هر ميمبر کان منشيات هٿ ڪئي وئي؟عدالت چيو ته هڪ ئي خاندان جي 19 ڄڻن خلاف منشيات رکڻ جا ڪيس داخل آهن، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مڙس، زال ۽ گهر جي هر فرد کان چرس هٿ ڪئي وئي؟ جسٽس ذوالفقار سانگي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  ڪيترو غلام بڻائيندا؟ غريب عوام تي اڃا ڪيترو ظلم ڪندا؟ ايس ايس پي عديل چانڊيو جو چوڻ هو ته سڄو خاندان ڏوهاري آهي ۽ پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي.عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته درخواستگذار ثمينه ۽ ٻين خلاف شفاف جاچ ڪئي وڃي ،عدالت ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي گمشدگي بابت رپورٽ طلب ۽ايس ايس پي، گهرو کاتي ۽ ٻين کي جاچ مڪمل ڪري 11 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.