ڊالر جا پر نه ڪٽيا، اوپن مارڪيٽ ۾ 238 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي. اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي  آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 2 رپيا 10 پئسا مهانگو ٿي 231.92 رپين جو ٿي ويو. گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي آمريڪي ڊالر جو قدر 229 رپيا 82 پئسا هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قدر ۾ 2 رپيا واڌ ٿي ۽ هڪ ڊالر 238 رپين جو ٿي ويو. هلندڙ مهيني انٽر بئنڪ ۾ 13 سيپٽمبر تائين ڊالر جي قدر ۾ 13 رپيا 17 پئسا واڌ ٿي چڪي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.