عمران کي جنرل عاصم منير جو فون، جنرل باجوا جي حمايت هڪ چالاڪي، رانجهو به راضي، جان به آجي

لاهور ( ويب ڊيسڪ )   عمران خان  ڪالهه  ڏنل انٽرويو ۾ هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، يعني ” رانجهو به راضي جان به آجي.

نامياري صحافي عمران شفقت پنهنجي وي لاگ  ۾ تبصرو ڪندي  چيو آهي ته جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي تئين تيئن عمران خان جون اندر ۾ سانڍيل ڳالهيون ۽ خواهشون منظر تي اچي رهيون آهن، ڪامران  خان صحافت جي دنيا جو وڏو نالو ۽ عمران خان جي مداحن ۾ شمار ٿيندڙ شخصيت آهي، پر هن عمران خان کان وڏي حد تائين پروفيشنل اصولن کي نظر ۾ رکندي  انٽرويو ڪيو ۽ عمران خان کان اهي ڳالهيون چورايون جيڪي شايد ! اڃان عمران خان نه پيو ڪرڻ چاهي عمران خان کان اها ڳالهه به ڪامران خان چورائي ته موجوده  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت مدي ۾ واڌ  ڪئي وڃي ۽ نئون آرمي چيف نئين چونڊ جي ايندڙ حڪومت مقرر ڪري، سوال آهي ته عمران خان کي هاڻي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ ۾ ڪهڙو خوف آهي.

ان جو سڌو ۽ صاف جواب اهو آهي ته موجوده جنرلن جي سينيارٽي فهرست ۾ پهريون نالو جنرل عاصم منير جو آهي، جيڪڏهن جنرل قمر جاويد باجوه کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏني وئي ته پوءِ جنرل عاصم منير سميت فهرست ۾ شامل سينيئر  جنرلن جي اڪثريت  رٽائر ٿي ويندي. اهڙي طرح عمران خان سک جو ساهه کڻي  سگهندو،  ڇو ته ان بعد جيڪا نئين سينيارٽي فهرست جڙندي ٿي سگهي ٿو ان فهرست ۾ شامل جنرلن مان عمران خان کي ڪا چڱائي جي اميد هجي يا ترقي ماڻيندڙن ۾ ڪو عمران خان جو چاهيندڙ  به شامل هجي جيڪو منستقبل ۾ عمران خان کي فيضياب ڪري سگهي، في الحال عمران  خان هڪ طرف  ته جنرل قمر جاويد باجوه کي خير سگاليءَ جو پيغام ڏنو ۽ اهو تاثر ڏنو ته جنرل قمر جاويد  باجوه سان کيس ڪوبه  مسئلو نه آهي، منطق اهو ٿي سگهي ٿو ته ان جي موٽ ۾  شايد!  جنرل قمر جاويد باجوه  به خير سگالي ۽ نرم دليءَ  جو مظاهرو ڪندي کيس رليف ڏياري سگهي. جڏهن ته اهو ئي جنرل قمر جاويد باجوه  آهي جنهن  خلاف ٽرينڊ هلايا ويا، مير جعفر ۽ مير صادق جا لقب ورجايا ويا.

جنرل قمر جاويد باجوه جي مخالفت ۾ اداري کي نيوٽرل جو نالو ڏئي ان جي معنيٰ  جانور ٻڌائي وئي.مسٽر ايڪس مسٽر واءِ اڄ به عمران خان جي زبان مان سونهري  اکر بڻجي نمودار ٿي رهيا آهن،جنرل عاصم منير اها شخصيت آهي، جيڪو آءِ ايس آءِ جو ڊي جي هو ۽ عمران خان وزيراعظم هو ان وقت ملڪ رياض هيرن جو هار  بشريٰ بي بي کي تحفي طور موڪليو ته جنرل عاصم منير پنهنجي ڊيوٽي ۽ ذميواري سر انجام ڏيندي عمران خان کي اطلاع ڏنو ته بني گالا ۾ هيرن جا هار اچي رهيا آهن، موٽ ۾ عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾ جنرل عاصم منير کي بدلي ڪرائي ڇڏيو، هاڻي اهو ئي جنرل عاصم منير سينيارٽي فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي، هاڻي عمران خان جي ننڊ حرام آهي، ان ڪري هن زهر جو ڍڪ ڀري جنرل قمر  جاويد باجوه کي مدي ۾ واڌ جي تجويز ڏني جيئن ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ جنرل عاصم منير رٽائر ٿي وڃي، باقي پوءِ جا ڀاڳ پوءِ سان، سو عمران خان پاڻ کي جيترو چالاڪ سمجهي باقي  دنيا کي يوٿيو سمجهي رهيو آهي، اهائي عمران خان جي  وڏي غلط فهمي آهي.

سندس سوچ کان دنيا اڳتي سوچي رهي آهي، خاص طور اسٽيبلشمينٽ کي گذريل هر پل سيني تي نقش ٿيل هوندو آهي، سو ان سموري وارتا ۽  تمهيد جو حاصل مقصد ته هاڻي عمران خان جو بچڻ ناممڪن آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 2020-09-14 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.