پنجاب ۾ سياسي مداخلت، وڌيڪ ڪم نه ٿو ڪري سگهان: چيف سيڪريٽري

لاهور ( م ڊ) پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل چيو آهي ته پنجاب ۾ سياسي مداخلت وڌي وئي، وڌيڪ ڪم نه ٿو ڪري  سگهان. لاهور ۾ چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل جي صدارت هيٺ سيڪريٽرين جي ڪانفرنس ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري پنجاب چيو ته پنجاب ۾ سياسي مداخلت سبب آفيسر مدو پورو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته هو ڪنهن ميوزيڪل چيئر جو حصو بڻجڻ نه ٿو چاهي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي ته آفيسرن سان گڏجي ڪم ڪيان پر ائين نه ٿي سگهيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.