ٻوڏ متاثرن کي فوري طبي امداد لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحت کاتي جي ماتحت ٻوڏ متاثرن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي، ٻوڏ متاثر ڪنٽرول روم جي ٽيليفون نمبرن 0229240106 ۽ 0229240114 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.  هن چيو ته سيپٽمبر مهيني ۾ 15101 ماڻهن جي مليريا جي اسڪريننگ ڪئي وئي. جنهن ۾ 3072 ماڻهو مليريا   جي تصديق ٿي. هن چيو ته ڊينگي جي به اسڪريننگ ڪرائي پئي وڃي، ڪراچي ڊويزن ۾ سيپٽمبر ۾ 1066، حيدرآباد ۾ 9، ميرپورخاص ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 5 ۽ سکر ڊويزن ۾ 7 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هن چيو ته  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو صحت کاتي کي سڄي سال جا فنڊ جاري ڪري ته جيئن اهي دوائون خريد ڪري متاثرن کي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. جيتوڻيڪ فنڊ عام طور تي سمورن سرڪاري کاتن کي ٽه ماهي بنيادن تي جاري ڪيا ويندا آهن، هن چيو ته اڄ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت  ھيٺ ٿيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس۾ سمورن کاتن جي آفيسرن، پي ڊي ايم اي ، پاڪ فوج جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال، رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سمورن آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو رليف ۽ ريسڪيو واري ڪم تي فوڪس رهن جڏهن ته غفلت ڪندڙ آفيسرن کي نه رڳو عهدن تان هٽايو ويندو پر کين نوڪرين تان به برطرف ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن ۾ ڪل 2 لک 5 هزار 73 خيما ورهايا ويا آهن. جنهن ۾ پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، يو اين ايڇ سي آر ۽ اين جي اوز طرفان ورهايا ويا آهن. متاثرن ۾ 1 لک 81 هزار 68 ترپال ۽ 3 لک 96 هزار 62 خاندانن ۾ راشن بيگ ورهايا ويا، هن چيو ته متاثرن ۾ 1514687 مھارا پڻ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج جي صورتحال حساس آهي، جتي وڏي سطح جي ٻوڏ آهي.  هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ حڪومت جي سموري مشينري، وفاقي حڪومت، پاڪ فوج ۽ اين جي اوز امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن ۽ پوري قوم هڪ آهي، پر پاڪستان جي هڪ فاشسٽ پارٽي جيڪا ادارن سان وڙهندي هئي، سا هاڻي انهن معصومن متاثرن سان وڙهي رهي آهي هن سوال ڪيو ته عمران خان سڄي دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيو آهي؟  هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪريل مهم هلائي پئي وڃي، ڇا اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس پارٽي کي محب وطن چئي سگهجي ٿو؟ ڇا انهن کي پاڪستاني چئي سگهجي ٿو؟  هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل به اهڙي سازش نه ڪئي جيڪا پي ٽي آءِ ڪري رهي آهي. هن وزيراعظم ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته اهي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا مهم جو نوٽيس وٺن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي 100 سيڪڙو مدد ته نه ڪري سگهيا آهيون، عوام کي پڪل کاڌو ڏئي رهيا آهيون، متاثرن جي سروي تپيدارن کان ڪرايون پيا، ڪجهه رپورٽ اچي چڪي آهي، باقي اچڻي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف پاران گهر ٺاهي ڏيڻ واري بيان جي آجيان ڪيون ٿا، متاثرن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ گهر تعمير ڪري ڏنا ويندا، هن چيو ته سرڪار جتي ڪٿي مدد ڪري پئي ڪنهن هڪ واقعي تي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته بد انتظامي يا سرڪار جي پهچ نه آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.