ميهڙ ۾ بک ۽ گيسٽرو سبب هڪ وڌيڪ عورت فوت، لاش رکي ڌرڻو

ميھڙ (رپورٽ فراز چنا)ميھڙ جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ بک بدحالي ، گرمي ، بجلي بند ۽ گيسٽرو سبب وڌيڪ ھڪ عورت فوت ٿي  وئي،لاش رکي ڌرڻوميھڙ جي ڳوٺ ڪرم خان چانڊيو جي رھواسڻ مسمات ڀانا خاتون بک بدحالي، گرمي ، اٻ ۽ گيسٽرو سبب رليف ڪئمپ ۾  فوت ٿي وئي آھي ساڳئي گھر مان گذريل ڏينھن به  عورت مسمات درناز چانڊيو  فوت ٿي وئي ھئي ٻئين فوتي عورتون پاڻ ۾ سھيڙيون ھيو جڏھن ته پيرسن مڙس جي حالت به خراب ٿي وئي آھي وارثن الطاف علي چانڊيو،علي دوست چانڊيو،مسمات شھزادي چانڊيو،امير علي چانڊيو،محمد پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فوتڻ عورت جو انڊس ھا۽ وي تي ڊگري ڪاليج واري چوڪ وٽ  لاش رکي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ، ان موقعي تي ھنن  احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته اسان جا گھر ٻوڏ ۾ لڙھي ويا آھن اسان 25 ڏينھن کان ڪاليج  ۾ اچي ترسيا آھيون پر اسان کي  کاڌ خوراڪ ، پاڻي به نه  ٿو ڏنو وڃي ھتي نه بجلي آھي ۽ نه وري ٽينٽ وغيره ڏنا ويا آھن اسان جون ٻه عورتون فوت ٿي ويون آھن ڪيترائي بارڙا ۽ ٻيا ماڻھو بيمار پيا آھن پر صحت کاتي ڪو تحرڪ نه ورتو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.