سوات ۾ ڌماڪو، امن ڪميٽي ميمبر ۽ اهلڪارن سميت پنج ڄڻا شهيد

سوات ( م ڊ) سوات جي علائقي برهه بانڊئي ڪوٽڪي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا شهيد جڏهن ته ڪيئي زخمي  ٿي پيا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته بم حملي ۾ امن ڪميٽي جي رڪن ادريس خان سميت پنج ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو آهي، شهيدن ۾ ٻه پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.