افغانستان مان دهشتگردن جي فائرنگ، 3 پاڪستاني فوجي شهيد

پشاور/ راولپنڊي (م ڊ) افغان علائقي مان پاڪستان ۾ فائرنگ جا واقعا نه گهٽيا، خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ سرحد پار کان  دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج طرفان دهشتگردن خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهتو . پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته شهيد جوانن ۾ نائيڪ محمد رحمان، نائيڪ معويز خان ۽ سپاهي عرفان الله شامل آهن.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردن طرفان افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو، پاڪستان کي اميد آهي ته افغان حڪومت مستقبل ۾ اهڙين ڪارروائين جي اجازت نه ڏيندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.