آرمي چيف مقرري لاءِ وزيراعظم جو اختيار ختم ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي اءِ جي سياست اسٽيبلشمينٽ جي ٿورن سان آهي، دفاعي اداري جي سربراهه جي مقرري لاءِ وزيراعظم جو صوابديدي اختيار ختم ٿيڻ گهرجي،  هڪ بيان ۾ هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي طرز تي ٿيڻ گهرجي، حڪمران جماعتون دفاعي اداري کي سياست لاءِ استعمال نه ڪن، جماعت اسلامي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه مڪمل غيرجانبدار هجن، هن چيو ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهندا ته ملڪ اڳتي وڌندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.