آرمي چيف بابت عمران جو بيان مذمت جوڳو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي پورهئي کاتي جي وزير سعيدغني چيو آهي ته عمران خان فوج کي نقصان پهچائي رهيو آهي، آرمي چيف بابت سندس بيان مذمت جوڳو آهي، آرمي چيف سميت سمورن ادارن ۾ مقرريون ميرٽ تي  ٿينديون آهن، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ 3 ڏينهن واري 19 هين فارما ايشيا 2022 انٽرنيشنل نمائش ۽ ڪنويشن جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته برساتن بعد ڊينگي ۽ ٻيون بيماريون ڦهلجن پيون، سنڌ سرڪار عوام جي مسئلن کان آگاهه آهي، ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جنگي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙيون پيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.