عمران جي رابن رافيل سان ملاقات جي تصديق، فواد ڪوڙو قرار

لاهو ر( ويب ڊيسڪ ) عمران خان انٽرويو ۾ اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار رابن رافيل سان ملاقات جي تصديق ڪري پنهنجي ترجمان فواد چوڌريءَ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏي، ٻئي طرف آمريڪا سان دوستي جي خواهش  ۽ جنرل قمر باجوده جي ملازمت مدي ۾ واڌ واري يوٽرن پي ٽي آءِ  اندر ڏڦيڙ وجهي ڇڏيو آهي. 

نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته شيرين مزاري ته وائڙپ جو شڪار  بڻجي ڪامران خان تي ڏمرجي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي پڻ پي ٽي آءِ حامي  مونجهاري جو شڪار آهن، ڇو ته فواد چوڌري چيو هو ته رابن رافيل سان 3 سال اڳ واري ملاقات جو فوٽو شايع ڪري جنگ جيو گروپ ڪوڙي پروپيگنڊه  ڪري رهيو آهي، فواد چوڌري جي اهڙي موقف تي عمران خان پاڻي ڦيري ڇڏيو.

آمريڪي سازش  جي بيان جي ابتڙ عمران خان آمريڪا سان دوستيءَ  جي خواهش  به ڏيکاري ڇڏي مٿان وري مير جعفر ۽ مير صادق جي ملازمت مدي ۾ واڌ جي تجويز ڏئي پي ٽي آءِ جي حلقن ۽ ٻه نمبر قيادت ۾ مايوسي پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وڏو بحث ڇڙيل آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 2020-09-14 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.