ريلوي ٽريڪ جي بحالي ۾ اڃا وقت لڳندو: سعد رفيق

ڀرياسٽي/سکر(نمائندا) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ريلوي عملدارن ضلعي انتظاميه آبپاشي عملدارن توڙي پاڪ فوج سان گڏ ڀريا روڊ ريلوي ٽريڪ تي بيٺل برساتي پاڻي جو دورو ڪيو ۽ بريفنگ ورتي،ان موقعي  تي وفاقي ريلوي وزير چيو ته پڊعيدن ڀرياروڊ جي وچ م ريلوي ٽريڪ تي 3 کان 4 فٽ پاڻي بيٺل آهي ان ڪري مسافر ٽرينن جي بحالي جو ڪو به ٽائيم نٿا ڏئي سگهون،ريلوي ٽريڪ متاثر هجڻ ڪري ريلوي کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي،سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميه سان ملي ڪري جلد پاڻي نيڪالي بعد مسافر ٽرينن کي بحال ڪيو ويندو،هن چيو ته  پنجاب ڪراچي کان مڪمل ڪٽيل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته برساتي پاڻي ريلوي ٽريڪ جي مٿان هئڻ ڪري فلحال ڪو به مسافر ٽرينن جي بحالي جو ٽائيم نٿو ڏئي سگهجي هوڏانهن سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعد رفيق چيو ته عمران خان جعلي چورن وڪرو ڪيو، پهرين امريڪا کي گاريون ڏنيون، هاڻي پير پڪڙي رهيو آهي، هن چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته رياست جو رويو بچه جمهوره سان ڪجهه ، جڏهن ته ٻين سان ڪجهه ٻيو هجي، جڏهن رويا ٻيا هوندا ته پوءِ سوال به اٿندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.