سنڌڙي ۾ امدادي سامان نه ملڻ تي ٻوڏ متاثرن جو ڌرڻو

سنڌڙي (رپورٽ: ڪاشف علي شر) سنڌڙي يوسي چٽوڙي  ۾ مڇر مار اسپري نه ڪرڻ ۽ امدادي سامان نه ملڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن  جو عرس مري، ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ عورتن ۽ مردن دوسو کيراھو وٽ کپرو ـ ميرپورخاص روڊ کي  6 ڪلاڪ کان ڳوٺاڻن بند ڪري ڇڏيو سوين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جڏهن ته ڊي ايس پي سنڌڙي ۽ ايس ايڇ او دلبر مهر پوليس اٽالن سميت پوليس  روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون ۽ پوليس مظاهرين ۾ فائرنگ پڻ ٿي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻي عرس مري کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ٿيڻ تي پوليس کيس ڇڏي ڏنو جنھن بعد وڌيڪ پوليس طلب ڪئي وئي  جڏھن ته ڊي ايس پي سنڌڙي موجب مظاھرين ۽ پوليس ۾ ڪجھ منھن ماري ٿي باقي فائرنگ وغيرہ ناھي ٿي اسان وڃون پيا مظاھري ڏانھن جڏھن مري برادري جي مرشد صوبائي صلاحڪار رياض شاھ  خراساني جي مداخلت تي  ڊي ايس پي سي آ۽  اي فضل الحق چانڊيو  نصير خان مري  فقير محمد بخش مهر مير محمد ڪيريو ۽  ڳالهيون ڪري روڊ  کولرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.