آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ غور هيٺ ناهي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سينئر جنرلن مان ڪو هڪ آرمي چيف ٿيندو، ان ۾ ڪو ابهام ناهي ،عمران خان کي پنهنجي دور ۾ جيڪي فيصلا ڪرڻ گهرجن ها اهي اسان جي حصي ۾ آيا، آرمي چيف جي مقرري جو موجوده حالتن سان تعلق ناهي، منهنجو خيال ناهي ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ غور هيٺ آهي، جيڪڏهن آرمي چيف جي مقرري سڀ کان وڏو مسئلو آهي ته جمهوريت کي بند ڪريو هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عمران خان روز نئون تماشو لڳائي ٿو، تماشن سان ملڪ نه هلندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.