بلين ٽري رٿا ۾ بي ضابطگيون، 98 ڪروڙ رپين جا خرچ ڪوڙا قرار

اسلام آباد (م ڊ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي ٽن سالن جي آڊٽ ۾ 3 ارب 49 ڪروڙ 35 لک رپين کان وڌيڪ جي سنگين بي ضابطگين ۽ بي  قاعدگين جو پتو لڳائي ورتو آهي. آڊيٽر جنرل طرفان هڪ ارب 25 ڪروڙ 90 لک رپين جي خرچن کي شڪي ۽ 98 ڪروڙ 29 لک رپين جي خرچن کي فرضي ۽ جعلي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي به تجويز ڏني وئي آهي. رپورٽ ۾ اصل ڪاميابين جي ابتڙ جعلي، فراڊ ۽ واڌو رپورٽنگ کي وائکو ڪيو ويو آهي. دستاويزن موجب 16 هزار 953 هيڪٽر تي مختلف سرڪلز ۾ قائم اڳوڻي بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ جي انڪلوزر کي 10 بلين ٽري سونامي جي حصي طور ڏيکاريو ويو هو، جنهن سبب قومي ناڻي کي 30 ڪروڙ 55 لک رپين جو نقصان پهتو. رپورٽ موجب جعلي ۽ ضرورت کان وڌيڪ رپورٽنگ چترال، دير ڪوهستان، لوئر دير، مالاڪند، ڪنهار واٽر شيڊ، اونهار واٽر شيڊ فاريسٽ ڊويزن ۾ ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف اعليٰ سطحي انڪوائري سان گڏوگڏ فوري طور تي 15 ڪروڙ 53 لک رپين جي ريڪوري جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نقصان جو ذميواري سڄي چين آف ڪمانڊ کي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان کي وائکو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.