مٺياڻي ويجهو پلاٽ معاملي تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي

مٺياڻي(رپورٽ: امير علي ملڪ)مٺياڻي ويجھو ابڙان ۾ پلاٽ جي معاملي تان ميمڻ ۽ سيد برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ، نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏھن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. جھيڙو ابڙان شھر ۾ ان وقت/  ٿيو جڏھن ھڪ تڪراري جڳھ جي مرمت لاءِ ھڪ ڌر پھتي ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪرايو جنھن تان ٻي ڌر مرمتي ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پھتي ته جھيڙو ٿي پيو. ڌرين جي فائرنگ سبب ھڪ ڄڻو زاھد ميمڻ موقعي تي فوت ٿي پيو جڏھن ته چار ڄڻا غلام مصطفي سولنگي، نظام الدين ميمڻ، راھب علي ميمڻ ۽ حاڪم علي ميمڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي ايمبولينس نه ملڻ ڪري ڇڪڙي ۾ سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو جتي راھب علي ميمڻ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. ٻڌايو پيو وڃي ت  پلاٽ جي معاملي تان يونين ڪاؤنسل ابڙان جي اڳوڻي چيئرمين سيد ظفر علي شاهه ۽ ميمڻ جي ڌر ۾ تڪرار ھلندڙ ھو، هوڏانهن زخمي نظام الدين ميمڻ به اسپتال م دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.