پراڻ ۾ چاڙهه، جهڏي جا وڌيڪ علائقا ٻڏي ويا، کنڊ هڻڻ تان پ پ ۾ اختلاف

جهڏو/ ڊگھڙي/ڪلوئي( رپورٽ: اسحاق ساگر+ ڀاون شاهه + نواز لنڊ) جهڏي ۾ پراڻ ڍوري جي پاڻي سطح ۾ لڳاتار واڌ ٿيڻ سبب رهواسي سخت خوف ۾ وٺجي ويا، ڪٽ  لڳائڻ يا نه لڳائڻ تي پ پ اڳواڻن ۾ ئي اختلاف ٿي ويا.  ڪيترن ئي هنڌن تان پراڻ ڍورو اٿلي پيو، پاڻي شهر ۽ ڳوٺن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جهڏي شهر ۾ عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، کوسا پاڙو، غلام حسين ڪالوني، اسلم ٽائون سميت 80 سيڪڙو شهري علائقن ۾ ٽن کان ڇهن فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي مسلسل 25 ڏينهن کان پاڻي بيهڻ ڪري شهرين جا گهر ڪمزور ٿي رهيا آهن، واھن شاخن جي ڪپرن تي پناهه وٺي ويٺل بي گهر ٿيل هزارين ٻوڏ متاثر واهر نه ٿيڻ ڪري بي حال بڻيل آهن . خراب پاڻي واپرائڻ ۽ مڇرن جي آزار سبب ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، هوڏانهن تعليم واري وزير ۽  ميرپورخاص ڊويزن جي فوڪل پرسن سيد سردار علي شاھ ٽالپر هائوس ڊگهڙي تي پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي ميرطارق خان ٽالپر سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زيرو پوائنٽ آر ڊي۔210 تي ڪٽ لڳائڻ وارو معاملو سياسي به آهي ته گهڻي ڀاڱي فني پڻ آهي،اتان جا ماڻهو  ڪٽ لڳائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌحڪومت ڪٽ ھڻائڻ لاء ماڻھن تي گوليون ته نٿي هلائي سگهي جيڪڏهن ڪٽ نه نه لڳو ته زيرو پوائنٽ پاڻي چاڙھ ڪري چڪو آهي اسپائنل تي 20فٽ ليول ٿي چڪو آهي جنهنڪري گهارو لڳي پوندو ۽ اوچتو گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون. ڪٽ جي مخالفت ڪندڙ کي اسانکي صرف اهو ٻڌائن ته اڄ کان هڪ سئو سال اڳ پاڻي جو لنگھه ڪٿان هيو يا ته اسانکي اهو لنگھه ٻڌائن،اتان جي ماڻھن تي جيڪڏهن ڪو سياست ڪري رهيو آهي ته اهو ڄاڻن پر اسان ڪابه سياست نه پيا ڪريون . هن چيو ته بدين وڃون پيا جتي آبپاشي جو وزير ۽ آبپاشي کاتي جا ذميوار اعلي آفيسر بريفنگ ڏيندا جنهن کانپوءِ ڄ ئي ڪٽ لڳائڻ بابت فيصلو ڪري وٺنداسين،ماڻھن قدرتي گذرگاهون بند ڪري ڇڏيون آهن جن تان جلد قبضا ختم ڪرايا ويندا. عمرڪوٽ ضلعي جي ايم پي ايز ۾ ڍوري کي ڪٽ ڏيڻ تان تڪرار نه نبريو، آبپاشي عملو بدين طلب ڪيو ويو آهي. زيرو پوائنٽ تي ڪٽ واري معاملي جو تڪرار نبيرڻ لاءِ صوبائي وزير سردار شاهه مير طارق ٽالپر ۽ ارباب لطف الله کي گڏ وٺي ڪاٺڙي بند تي پهتو.جنهن کي نبيرڻ لاءِ صوبائي وزير سردار شاهه ۽ آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ پيپلزپارٽي ايم پي اي مير طارق ٽالپر ۽ ايم پي اي ارباب لطف جي بدين ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جتي آبپاشي عملو به گهرايو ويو جنهن کان پوءِ سيد سردار شاھ وفد جي صورت ۾ رام سر معاهدي تحت جڙيل چائنه ڌڪو پهتو جتي جائزو ورتو جنهن کان پوءِ قدرتي لنگھ ھاڪڙي درياء ونگو پتڻ پهتو ۽ ايل بي او ڊي سم نالي کي به وزٽ ڪيو جنهن کان پوءِ هي وري واپس بدين روانا ٿي ويا جڏهن ته باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ ارباب لطف الله ۽ مير طارق ٽالپر ڄام خان شورو چائنه ڌڪو جي ٻني پاسي کان 50 بائي 50 فوٽ جا ڪٽ ڏيڻ جو مشاورت ڪئي آهي جنهن کان پوءِ ايل بي او ڊي سم نالي ۽ هاڪڙو جو پاڻي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ وڃي ٿيندو ۽ جنهن کان پوءِ اهو پاڻي سمنڊ ۾ هليو ويندو اهڙي ريت چائنه ڌڪو وٽان ڪٽ ڏيڻ جي صورت ۾ جهڏو نئين ڪوٽ سميت ٻين هنڌن تي بيٺل پاڻي لهي ويندو 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.