پاڪستان ۾ ٻوڏ جو سبب موسمياتي تبديليون آهن: بين الپارلياماني يونين جو صدر

اسلام آباد(م ڊ) بين الپارلياماني يونين جي صدر دارتي پچيڪو چيو آهي ته موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي پر پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب اهي ئي موسمياتي  تبديليون آهن، جن ترقي يافته ملڪن جو ماحولياتي تبديلين ۾ وڏو حصو آهي انهن کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، پارليامينٽ هائوس ۾ پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي لاءِ ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته  اسان کي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته گلوبل وارمنگ عالمي مسئلو آهي ۽ ان جو عالمي سطح تي ئي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو  ته اسان کي زراعت ۽ ٻهراڙي جي علائقن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر آهن هن وقت ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.