ماڻهن کي هڪ جوس ۽ پاپي لاءِ تڙپايو پيا: عدالت جي ڊي سي ڄامشوري کي ڇنڊ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، ڄامشورو ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ اسپتالون قائم ڪرڻ ۽ ڪيمپن ۾ بجلي  فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حيسڪو ڪيمپن ۾ بجلي فراھم ڪري جنھن جو بل سنڌ سرڪار ڀريندي.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ضلعي جامشورو ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ مليل ڪروڙين رپيا خرچ نه ڪرڻ ۽ متاثرن جي واھر نه ڪرڻ بابت داخل ڪرايل ٻن ڌار ڌار پٽيشنز تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفي ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ڊي سي ڄامشورو عدالت کي آگاھي ڏني ته اسان سيوھڻ جي لال باغ، ڄامشورو ۾ گلشن شھباز ۽ ٿاڻي بولاخان ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪيا آھن.

جتي متاثرين جي مدد ڪريون پيا، ان تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته توھان جي ڪارڪردگي ايڏي وڏي آھي جو سنڌ جي وڏي وزير پاران ٻيڙي تي دوري دوران ٻيڙي جو پيٽرول ختم ٿي ويو ان کي اوھان بھتر ڪارڪردگي ٿا چئو، توھان ماڻھن کي ھڪڙي جوس ۽ پاپي لاءِ تڙپايو پيا ماڻھن کي روڊن تي گھليو پيا اھڙي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته ايس ايس پي کي به طلب ڪنداسين، ان تي سرڪاري وڪيل چيو ته توھان جيڪو حڪم ڪريو اھو ٿيندو، جنھن تي عدالت چيو ته ڊپٽي ڪمشنر وڏي وزير جو حڪم نٿو مڃي ۽ عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ھو نٿو پھچي پوءِ ڪھڙو حڪم نامو جاري ڪريون.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٽينٽ سٽيز ۾ رھندڙ فيمليز کي اوھان صحت جون ڪھڙيون سھوليتون ڏنيون آهن ٻار مڇرن ۾ پٽجي رھيا آھن چمڙي جي بيماري ۾ ٻار وٺجي ويا آھن، وڪيلن جي دليلن بعد عدالت ڊي جي گيلري ۽ ڊي ايچ او ڄامشورو کي حڪم ڏنو ته ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپن ۾ صحت جي سھوليت فراھم ڪرڻ لاءِ اسپتالون قائم ڪيون وڃن ۽ عدالت حيسڪو عملدارن کي حڪم ڏنو ته حيسڪو پاران ڪيمپن ۾ بجلي فراھم ڪئي وڃي، بجلي جو بل سنڌ سرڪار ادا ڪندي، بعد ۾ عدالت پٽيشن تي شنوائي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.