يوسي سطح تي امدادي سامان جي ورڇ جو فيصلو، رليف ڪمن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسر برطرف ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ جي صورتحال ۽ سندس متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته جيڪي آفيسر  ڊيوٽي نٿا ڪن انهن کي برطرف ڪيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي محنتي ۽ ايماندار ورڪرن کي مقرر ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا، باري پتافي، صلاحڪارن ۾ منظور وساڻ، مرتضيٰ وهاب ۽ رسول بخش چانڊيو ۽ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، لاڳاپيل سيڪريٽرين، ڪور 5، انجنئرنگ ڪور، پاڪستان نيوي ۽ ايئر فورس جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي آبپاشي کاتي، صحت ۽ پي ڊي ايم اي پاران بريفنگ/پريزنٽيشن ڏنيون ويون ۽ وڏي وزير فيصلو ڪيو ته امدادي سامان جي ورڇ يونين ڪائونسل سطح تي ڪئي ويندي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال معمول تي اچڻ واري آهي. گڊو ۽ سکر بئراج گذريل هڪ هفتي دوران معمول تي اچي ويا آهن پر ڪوٽڙي ۾ وڏي ٻوڏ برقرار آهي مراد علي شاهه چيو ته منڇر وٽان درياهه ۾ پاڻي ڪرڻ کي 141200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو سٺي ڳالهه آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايل ايس بند کي چار ڪٽ ڏنا ويا جنهن سبب ميهڙ ۽ خيبر پورناٿن شاهه ۾ پاڻي جي سطح هڪ فوٽ ۽ ٽي فوٽ گهٽجي وئي آهي. RD-30 تي MNV ۾ به پاڻي جي سطح 3 فوٽ ۽ انڊس (لنڪ-RD-45) ۾ هڪ فوٽ گهٽجي وئي آهي. ڀان سيد آباد کي بچائڻ لاءِ رنگ بند تي ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ پاڻي جي سطح پڻ هيٺ ٿي رهي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايل بي او ڊي جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ ڪالهه تيز برسات پئي ۽ اربع تائين وڌيڪ برسات جو امڪان آهي جنهن سان ان جي ڪنارن تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو.صحت کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هنن 206 فڪسڊ ڪيمپ قائم ڪيا آهن جتي 317 ڊاڪٽر، 648 پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ 145 رضاڪار ڪم ڪري رهيا آهن. 12 سيپٽمبر تي مقرر ڪيل ۽ موبائيل ٻنهي ڪئمپن ۾ ڊاڪٽرن 371440 مريضن جو معائنو ڪيو جن مان 18,804 مريض گيسٽرو، 20968 چمڙي جي بيماري جا مريض، 8731 مليريا (شڪي)، 80 ڊينگي (شڪي) ۽ 43903 ڄڻ کي ٻيون بيماريون هيون. ڪيمپن ۾ پنج مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هيستائين 169 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪئمپن ۾ مڇرمار اسپري ڪيو وڃي ۽ ڪئمپن ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن خاص ڪري عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جو خيال رکيو وڃي. پي ڊي ايم اي اجلاس کي ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ هيستائين 181161 ترپال، 396162 راشن بيگز ورهايا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.