ڪراچي ۾ اين ٽي ايس پاس اميدوارن تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي زخمي، سئو کان وڌيڪ گرفتار

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ  اين ٽي ايس استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي، سنڌ جي مختلف ضلعن جي 2013ع جي اين ٽي ايس پاس استاد اميدوارن پاران  پريس ڪلب ٻاهران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. 2 سئو کان وڌيڪ مرد توڙي عورت  استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو. پريس ڪلب ٻاهران لاڳاپيل انتظاميا استادن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ  پهتي پر استادن ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سوين استادن پريس ڪلب کان وزيراعلي هائوس طرف پرامن احتجاج ڪندي ريڊ زون پهتا ته پوليس مظاهرين کي روڪيندي ڪڙڪي پئي ۽ مظاهرين مٿان بدترين تشدد ڪيو. علائقو ميدان جنگ بنجي ويو. پوليس ڪيترن ئي استادن مٿان لٺبازي ڪئي جنهن سبب ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا  پوليس ريڊ زون مان مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ حبيب سنڌي  سميت هڪ سئو کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪري ڇڏيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته 2013ع ۾ اين ٽي ايس پاس ڪئي هئي پر 9 سال گذري وڃڻ باوجود پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي آرڊر ملي نه سگهيا آهن. پوليس جي بدترين تشدد سبب اسان جا ڪيترائي استاد زخمي ٿيا. ۽ پوليس ليڊي ٽيچرز کي به ڌڪا ڏيندا رهيا. اين ٽي ايس پاس استادن مٿان پوليس جي لٺبازي ۾ 10 کان وڌيڪ استاد اميدوار زخمي ٿي پيا. پوليس اهلڪارن هڪ استاد محمد علي بروهي مٿان لٺيون ۽ مڪن جا وسڪارا لائي کيس رتوت ڪري ڇڏيو. جيڪو ريڊ زون ۾ بيهوش ٿي ويو. جنهن کانپوءِ استاد اميدوار مڇرجي پيا ۽ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا.. پوليس زخمي استاد کي به ٽنگون ٽالي ڪري پوليس موبائل ۾ ويهاري ٿاڻي تي کڻي وئي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.