عمران جي جيتري اوقات آهي، اوتري ڳالهه ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ٻوڏ ۾ ٻڏل ملڪ ۽ ماڻهو نظر نه  پيا اچن، اقتدار جي حوس جي پٽيءَ اکين تي ٻڌل آهي، عمران خان جو حقيقي مسئلو ذاتي انا، تڪبر، خودپسندي، اقتدار جي حوس ۽ ڪرپشن آهي، عمران خان توهان جي جيتري حيثيت آهي ايتري ڳالهه ڪريو، ”ڪئي وڃي“ ۽ ڪيو وڃي“ جو وقت ختم، عمران صاحب اڳ ۾ فيصلو ڪريو توهان جو مسئلو آهي ڇا؟ ٻاهرئين سازش؟ حقيقي آزادي؟ اليڪشن ڪمشنر؟ ڪرپشن جو اين آر او؟ هن چيو ته عمران خان فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي لاءِ اين آر او گهري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان آمريڪا جي خلاف بيان بازي ڪري ٿو ۽ آمريڪي فرم سان آمريڪا ۾ لابنگ ۽ برانڊنگ ڪرائي ٿو، لڪي لڪي ملاقاتون ڪري ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.