سوڀوديرو جي برسات سٽيلن جي اهنجن ۾ اضافو، معصوم ٻار ۽ عورتون بيمارين ۾ مبتلا

سوڀو ديرو ( ن ع آ ) سموري سنڌ جيان سوڀوديرو تعلقي جا ھزارين بي گھر برسات سٽيلن جي اھنجن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو  وڃي ڪيترائي معصوم ٻار عورتون پيرسن نوجوان بخار۔مليريا۔گيسٽرو۔چمڙي جي بيمارين ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي چڪا آھن جڏھن ته سوڀوديرو جا ڪيترائي  ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آھن جن ۾ ڳوٺن ۾محمد خان بروھي، الھڏنو چنا، فريد کھڙو،ابراھيم چنا،۔سيد جمن شاھ ۽غلام سرور کھڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ آھن جيڪي مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن ۽ سندن گھرن ۾ پاڻي پڻ بيٺل آھي جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ ويٺل ھيا جن کي اتان اٿاريو ويو آھي انھن کي ڪوبه متبادل رھائش نه ڏني وئي آھي جيڪي کلي آسمان روڊ ڪنارن ويٺل آھن ۽ سخت پريشان آھن جڏھن ته اھي به اطلاع آھن ته مڇرن سبب ۽ چارو نه ھجڻ سبب چوپائي مال جو کير تمام گھٽجي ويو آھي ۽ ڪيترن مالوند ماڻھن جا سوين ڍور مري چڪا ۔سوڀوديرو شھر سميت ۽ آس پاس جي سوين ننڍن وڏن ڳوٺن محلن وارڊن جا ھزارين رھواسي بي يارو مدد ڱار بڻيل آھن جن جا اجھا ڊھي پٽ پئجي ويا اي سي سوڀوديرو شاھ رخ مڱڻھار، مختيارڪار سوڀوديرو محمد عثمان مھر ۽ روينيو ڊپارٽمينٽ جو بدنماداغ بنيل ۽ آفيسرن جي اکين جو تارو تپيدارسوڀوديرو وسيم ملاح آيل وڏي مقدار ۾ امداد رات جو انڌيري ۾ چنگچين۔ مزدائن۔ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي بااثر ماڻھن کي پھچائڻ ۽ ڇپائڻ واري ڊيوٽي نڀائڻ ۾ مشغول آھن۔جن کي غريبن سان ڪنھن به قسم جي ھمدردي نظر نه پئي اچي۔روينيو سوڀوديرو پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ٽئين ھنڌ منتقل ڪرڻ جو ڪم پڻ گذريل ٻن ڏينھن کان جاري آھي، سوڀوديرو واسين چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ۔وزيراعظم پاڪستان وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته امدادي سامان مھيا ڪري اسان جون زندگيون بچايون وڃن بااثر ۽ من پسندن کي امدادي سامان ڏيندڙ روينيو عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ فضول ٺھندڙ ٽينٽ سٽي ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.