سيوهڻ ۾متاثر بي يارومددگار، لوڊشيڊنگ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف بک هڙتال

سيوھڻ(ن ع آ)سيوھڻ جي ٻوڏ جي متاثرن ۽ ايس يو پي پاران سيوھڻ شھر ۾ وڌندڙ لوڊ شيڊنگ ۽ ٻيڙيون, راشن, دوائون نه ملڻ خلاف حيسڪو  آفيس جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج کي علي نواز رند، محمد خان سولنگي، مريد خان بروھي، روشن علي بڙدي، قربان علي ٽالپر، حاجي امين پنھور، ممتاز علي جتوئي، حاجي علي بخش بڙدي، محمد مراد ملڪ ۽ ٻين  ٻوڏ متاثرن خطاب ڪندي چيو ته ڳوٺ ٻڏي وڃڻ بعد اسان سيوھڻ شھر ۾ اچي پناھ ورتي آھي پر ھتي 15 کان 16 ڪلاڪ ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنھن ڪري اھڙي ٻوسٽ واري گرمي ۾ اسان جا ٻار ٻچا مري رھيا آھن ۽ بجلي بند ھجڻ ڪري ۽ چوڌاري پاڻي ھئڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون پر بجلي جو نظام بھتر نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته انتظاميا جي نااھلي سبب اسان کي ٻيڙي ۽ راشن به نٿو ملي صرف من پسند ماڻھن کي ٻيڙيون ۽ ٻيون سڀ سھولتون ڏنيون پيون وڃن. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي واپڊا عملي کي ھٽائي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻھن کي گھربل سھولتون ميسر نه ڪندڙ ڊي سي ڃامشورو کي ھٽائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.