خانپور مهر لڳ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، احتجاج

خانپورمهر ( ن ع آ )  خانپورمهر ويجهو ڳوٺ علي بخش گڏاڻي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ توڙي انتظاميا پاران سار نه لهڻ خلاف  متاثر متاثر ڳوٺاڻن شوڪت گڏاڻي، خان محمد، شبير گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪافي ڏينهن کان برساتي پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر هن مهل تائين ضلعي جي گهوٽڪي جي انتظاميه اسان وٽ لڙي به  نه آئي آهي اسين دربدر بڻيل آهيون،ڪنهن به سار نه لڌي آهي، متاثرن مطالبو ڪيو ته فوري طور سندن سار لهي ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.