نصيرآباد ڪئمپ ۾ گاجي کهاوڙ واسي ٻوڏ متاثر بک وگهي فوت

نصيرآباد (رپورٽ:بشير بروهي) نصيرآباد انڊس هاءِ وي تي گاجي کهاوڙ واسي ٻوڏ متاثر بک وگهي فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب نصيرآباد ا نڊس هاءِ وي تي رليف ڪئمپ ۾ گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ ڪڙيو سبڙ کان آيل ٻوڏ متاثر عبدالرحيم ساکاڻي بک وگهي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته رليف ڪئمپ ۾ نه کاڌي پيتي جي سهولت آهي نه صحت جي، هتي اسان ڪيترن ڏينهن کان لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهيون.هنن چيو ته عبدالرحيم ساکاڻي گذريل ٻن ڏينهن کان بک تي هو، جنهن ڪري هو فوت ٿي ويو. هنن چيو ته تڪ جو اي ايم اين ، ايم پي اي يي يا ضلعي جو ڪو سرڪاري عملدار پڇا ڪرڻ به نه آيو آهي، ووٽ وٺڻ لاءِ ٻار بار ايندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.