ڏوڪري لڳ برسات متاثرن جي سرڪار سار نه لڌي، احتجاج

ڏوڪري  ( ت ر ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻڍو واهڻ ميتلا ۾ برسات پوڻ سبب سوين گهر برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڊهي پٽ پئجي ويا سرڪار طرفان هن وقت تائين ڪا به پرگھور نه لهڻ خلاف حاجي ابراهيم ڳچل، غلام قادر ابڙو، خادم پنهور، عصمت الله ڳچل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته برساتن سبب اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر هن وقت تائين سرڪاري سطح تي ڪا به پرگھور نه لڌي وئي آهي جنهن سبب اسان جا ٻچا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن خدارا اسان جي مدد ڪيو اسين مصيبت جي هن گهڙي ۾ بي سهارا ويٺا آهيون ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي سرڪاري آفيسر اسان جي پرگھور نه ٿو لهي اسين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ ٻڍو واهڻ ميتلا جي سار سنڀال لڌي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.