ڌاٻيجي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر ماروئڙا بي يارو مددگار بڻيل

ڌاٻيجي (ن ع آ) سڄي سنڌ جي مخلتف ضلعن ۾ ٻوڏ جي تباهي ماروئڙا بي يارو مددگار دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور چونڊيل  نمائندن سميت ڪنهن کي به مٿن ڪيل نه آھي خبر موجب سنڌ جي مخلتف شهرن دادو ,ميهڙ ,خير پور ناٿن شاھ ,قاضي احمد ,سيوهڻ ,واھڙ ,بدين ,نوشهرو فيروز ,ٺري ميرواھ ,لاڙڪاڻو ,ڄام صاحب سميت ٻين شهرن ۾ ٻوڏ ستايل ماڻھو ڌاٻيجي جي مختلف علائقن ماڊل ٽاون ,نئي آبادي ,ڀنڀور ,سميت صفيد پوش ماڻھو پنهجي برادري جي ماڻھن جي گهرن ۽ ڪرائي جي گهرن ۾ رهڻ لڳاتيز برسات سبب ٽينٽ سٽي قائم نه ٿيڻ جي ڪري ماروئڙا بي يارو مددگار بڻجي ويا سخت اذيت هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا انهي موقعي تي ٻوڏ متاثرين دين محمد مري ,بادل مري ,محمد حسن ,اڪبر جتوئي ,شبير چانڊيو ,مصطفي ڳورڙ ,خالد پنهور,امتياز ڀنڊ ,۽ ٻين ٻڌايو ته تيز برساتن پاڻي جي وڏي وهيڪرن سبب پنهجا اباڻا ڪک ڇڏي ڪري ڌاٻيجي جي جابلو علائقي جي مختلف جڳهن تي ڪچا گهر ٺاهي ڪري زندگي بسر ڪري رهيا آھيون جتي ٽينٽ سٽي, پئيڻ جو صاف پاڻي, واش روم سميت ڪابه بنيادي سهولت ناهي جنهن سبب اسان جي  زندگي ڏاڍي ڏکي پئي گذري هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان پنهجن علائقن ۾ خوشحال هئاسين برساتن سبب دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون پر افسوس جو ڊي سي ٺٽو سميت ٺٽي جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا سياسي سماجي اڳواڻ ڪنهن به قسم جي سار ناهي لڌي نه ئي وري ڪو سهڪار ڪيو هنن وس واران کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي ٽيم مقرر ڪري ٽينٽ سٽي قائم ڪري برسات ۽ ٻوڏ سبب حقيقي متاثر ٿيندڙن جي سار سنڀال لهي ڪري ساڻن مدد ڪري وڌيڪ ڏکيائين کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.