ڪراچي پهتل ٻوڏ متاثر بک بدحالي جو شڪار، انتظاميا واهر نه ڪئي

گڏاپ (رپورٽ ممتاز شيخ) سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪراچي پهتل ٻوڏ متاثر بک ۽ بدحالي سبب سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور  آهن انتظاميا ڪنهن به قسم جي واهر نه ڪئي لاڙڪاڻو خيرپور سيوهڻ قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن جا غريب ٻوڏ متاثر ماروئڙا گڏاپ جي افغان ڪيمپ جي قريب نادرن باء پاس تي عمر بروهي ڳوٺ جي خالي پيل ميدان تي قائم رليف ٽينٽ سٽي ڪيمپ ۾ بک ۽ اڃ وگهي بيمارين جي ور چڙهي ويا متاثرن جي انتظاميه مدد نه ڪري سگهي جنهن سبب هو لاچار واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن سمورين سهولتن کان محروم آهن پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ پنهنجي معصوم ٻچن سميت ٻي يارو مددگار هنن جي ڪنهن سهائتا نه ڪئي هنن متاثرن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي سي ويسٽ ڪراچي اقبال ميمڻ ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن کان گهر ڪئي ته سندن سار لهي معصوم ٻچن کي بک ۽ اڃ کان بچائي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.