بابا فوت ٿي ويو، ماءُ بيمار آهي، بکون پيا ڪاٽيون

اڪري چودڳي (ن ع آ) برساتن بعد وڏي پيماني تي تباهي باوجود يوسي اڪري ۾ برسات متاثر  سرڪاري امداد کان محروم بڻيل آهن گهر ڪرڻ فصل ٻڏڻ بعد رهواسي کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب بکن تي پاھ بڻيل آهن يوسي اڪري جي ڳوٺ محمد معروف شر واسي يتيم نينگر صداقت شر معصوم ڀائرن ڀيڻ ۽ امڙ جي بک سبب حالت برداشت نه ٿيڻ ڪري مجبور ٿي  سوشل ميڊيا تي ويڊيو پوسٽ ذريعي مدد لاءِ التجا ڪندي چيو آهي ته بابا فوت ٿي ويو امڙ بيمار آهي چئن معصوم ڀائرن ۽هڪ ڀيڻ جي ڪفالت منهنجي وس کان ٻاهر آهي گهر ڪرڻ بعد روڊ تي پلاسٽڪ جي ترپال هڻي ويٺل آهيان گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاء ڪجھ ناهي سرڪار توڙي سرندي وارن جي مدد کان اوجهل آهيان هن روئيندي چيو ته بيمار امڙ جي دوا ۽معصوم ڀائرن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجھ ناهي مزدوري به نه ٿي ملي در در ڀٽڪڻ ۽ دانهڻ باوجود نه سرڪار ٿي ٻڌي نه سرندي وارا گهر ڀاتين جي حالت جيئڻ تان ارواح کڻائي ڇڏيو آهي وقت تمام گهڻي تڪليف ۾ گذري رهيو آهي پاڙيوارا برسات متاثر بچيل کاڌو ڏين ٿا ته معصوم ٻارن جو پيٽ ڀريون ٿا ۽امڙ ۽مان ٻه ٻه ڏينهن بک تي گذاريون ٿاهن دانهيندي چيو ته اگر اسان کي امداد نه ملي ته بکن وگهي مري وينداسين انڪري خدارا اسان جي واهر ڪيو هن وزيراعلي سنڌ تڪ جي چونڊيل نمائندن سرندي وارن کان مدد جي اپيل پڻ ڪئي واضع رهي ته يوسي اڪري مڪمل برساتي پاڻي جي گهري هيٺ هجڻ ۽ ڳوٺ گهر تباھ ٿيڻ باوجود سرڪار پاران برسات متاثرين کي پاءَ اٽي جو به نه ملي سگهيو آهي برسات متاثرين روڊن رستن تي پلاسٽڪ جي ترپالن ۾ بي يارو مدد گار ويٺل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.