متاثرن لاءِ آيل امداد حڪمران ۽ ڪامورا هڙپ ڪري ويا: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) ٻوڏ متاثرن جي امداد حڪمران ۽ ڪامورا هڙپ ڪري رهيا آهن. ضلعن جي ڊي سيز ۽ ڊويزنن جي ڪمشرن کي اربين روپيا جاري ڪيا ويا آهن، ان جي باوجود به ضلعن جي انتظاميا ٻوڏ متاثرن لاءِ گهربل رليف ڪيمپون قائم ناهن ڪيون. ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ لکين ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار دربدر آهن. انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر دربدر آهن، پر سنڌ سرڪار بي گهر متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ناهي ڪئي، سنڌ سرڪار جو ٻوڏ متاثر لاءِ لاتعلقي وارو رويو مذمت جوڳو آهي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته دهشتگرد گروهه مسلسل پروپيگينڊا ڪري سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي سندن گادي واري شهر ۾ اچڻ تي قبضاگير چئي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت مجرماني خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهي. اڳواڻن چيو آهي ته جيئن فلسسطين ۾ اسرائيلي قبضاگيرن جي قبضن هيٺ آيل شهرن کي فلسطينين لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويو آهي تيئن سنڌ جي گادي واري شهر ۾ به سنڌ واسين جي داخلا تي اڻ اعلانيل پابندي مڙهي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.