ڪراچي جي ڪئمپن ۾ ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ لڳا، بيمارين ڪر کنيو

گلشن اقبال ( ن ع آ) ڪراچي جي رليف ڪئمپن اندر سھولتن جو ڏينھون فقدان پئدا ٿيندو پيو ريس ڪورس پيرپاڳارا اسڪول ۾ قائم ڪيل  رليف ڪئمپ ۾ رھندڙ برسات متاثر ماڻھو صحت کاڌ خوراڪ سميت ٻين سھولتن کان مڪمل طور تي محروم بڻيل آھن رليف ڪئمپ اندر صحت جون سھولتون ميسر نـ ھجڻ سبب معصوم ٻارڙا تيزيء سان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن مگر انھن کي صحت جون سھولتون نـ فراھم نـ پيون ڪيون وڃن صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي متاثرن دانھيندي چيو تـ موسميات واري ڪئمپ کان پوء اسان کي ريس ڪورس اسڪول واري ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو ويو آھي جتي صحت سميت ڪي بـ سھولتون ناھن ڏنيون ويون ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن مگر انھن جو ڪو بـ علاج نٿو ڪيو وڃي ھنن چيو تـ سنڌ سرڪار خدارا اسان جي حال تي رحم کائي صحت سميت ٻيون گھربل سھولتون فراھم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.