ٽنڊو آدم لڳ بچاءَ بند تي پاڻي ۾لاٿ، ڍنڍ مان پاڻي نيڪالي شروع

ٽنڊو آدم (رپورٽ ممتاز حيدري) ٽنڊو آدم کي بچائڻ لاءِ انتظاميا پاران مال پڙي وٽان ڏنل بچاءِ بند واري هنڌ تان برساتي پاڻي ۾ڏيڍ فٽ کان اڍائي فٽن تائين لاٿ اچي وئي آهي گذريل ڪيترن ڏينهن کان انتظاميا وڏو نالو کوٽرائي ۽ مشينن ذريعي برساتي پاڻي کي ٽنڊو آدم برانچ ۾ نيڪال ڪرائي رهي آهي جنهن سان شهر جي ٻڏڻ جو خطرو ٽري ويو آهي جڏهن ته پاڻي جي دٻاءَ سبب پاڻي اوور ٽاپ پئي ڪيو ۽ گذريل ڏينهن کان هنجورڻ ڍنڍ مان پاڻي جي نيڪالي ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي هنجورڻ ڍنڍ پاڻي ڀرجڻ سبب شهر جا  جمن شاھ ، سيد سٽي ، ٽهل آباد ، بسم الله ٽائون ، وشن آباد سميت ٻيا علائقا گذريل ٽن هفتن کان پاڻي هيٺ آهن گهرن ۾ پاڻي هجڻ ڪري رهواسي پنهنجا گهرخالي ڪري پنهنجن عزيزن يا وري ڪيمپن ۾ پناھ ورتي آهي جيڪي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته هنجورڻ  ڍنڍ مان پاڻي جلدي نيڪال ڪيو وڃي ته رهواسي واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي اچن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.