ڪوٽڏيجي ۾ سرڪاري امداد من پسندن حوالي، احتجاج

ڪوٽڏيجي (ن ع آ)ڪوٽڏيجي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي مختيار ڪار ڪوٽڏيجي پاران رات جي اونداهي ۾ من پسند ماڻهن کي گهرائي راشن  ۽ ٽينٽ ڏيڻ خلاف متاثر عورتن ۾ مرد جو آفيس اڳيان احتجاج نعريبازي هٽائڻ جو مطالبو ان ڏس ۾ ڪوٽڏيجي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ روڊ رستن ۽ ڪئمپن ۾ ويٺل برسات متاثرن جي واهر نه ٿي متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته مختيار ڪار ڪوٽڏيجي نذیر احمد مھر پاران رات جي اونداهي ۾ من پسند ماڻهن کي گهرائي راشن، ٽينٽ ۽ مڇرداني گاڏيون ڀري ڏيڻ خلاف متاثر مرد ۽ عورتن جو مختيار ڪار جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو  ته  ڪرپٽ مختيار ڪار نذیر احمد مھر سياسي ڀوتارن جي من پسند ماڻهن کي گهرائي ٽينٽ مڇرداني ۽ راشن ڪٽا  گاڏيون ڀرائي ڏئي ٿو  پر افسوس مختيارڪار جي سنڌن ئي آفيس جي پسگردائي ۾ ويٺل ھزارين بي گهر متاثرن تي نظر ئي نه ٿي پوي اسان ٻچڙن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون راشن ته ڇا ماني ڱڀي لاءِ پريشان آهيون  صبح کان وٺي  شام تائين هنن جي در تي ويٺل آهيون پر هي ڪامورو اسان جي هڪ ٻه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي متاثرن وزير اعلي سنڌ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مختيار ڪار خلاف ڪارروائي ڪري راشن، ٽينٽ ۽ مڇرداني ڏياري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.