جيڪب آباد ۾ برسات متاثرن جو ڊي سي آفيس آڏو نعريبازي، ڌرڻو

جيڪب آباد (ڊر ) يوسي ناوڙا جي رھواسين  ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو مک گيٽ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، انهي موقعي تي مظاهرين چيو ته يوسي ناوڙا ۽ يوسي شاھپور ۾ ھٿرادو ڪوريجا ۽ چنڊ شاخ جو پاڻي  جمح ڪري ناوڙا ڏانھن ڇوڙ ڪيو ويو آھي اسان جي ڳوٺ ۾ 8 کان 10 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي اسان جي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻھو بي گھر بڻيل آھن ھنن چيو ته ڪجھ فوتگيون ٿيون اسان کي ھن پاڻي مان گذرڻو پيو اسين پنھنجي پيارن جون لاشون پاڻي تان کڻي وڃون ٿا ڊي سي وڏيرن ۽ با اثرن کي خوش ڪرڻ ۾ مصروف آھي اسين سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي کان مطالبو ڪريون ٿا ته فورن اسان کي راشن ٽينٽ ڏيئي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.