نصيرآباد ۾ راشن جڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ورھائڻ جو حڪم

قمبر/نصيرآباد (ڊ ر+ت ر) قمبر جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلو قمبر ۽ تعلقي واره ۾ 200 کان مٿي قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو. دوري دوران ٽينٽ سٽي ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرن کان تفصيل معلوم ڪيا، جتي ٻوڏ متاثرن سيشن جج کي ٻڌايو ته تمام گهڻي تعداد ۾  ٻوڏ متاثر هتي موجود آهيون اسان وٽ خيما  اڻپورا آهن جڏهن ته کاڌ خوراڪ جو خاص بندوبست ناهي، صحت جي سهولت لاءِ ڪا به ميڊيڪل ڪئمپ ناهي، اسان جي واهر ڪئي وڃي اسان جا ٻچا اُس ۾ ۽ بک تي ويٺل آهن. ان موقعي تي سيشن جج زاهد حسين ميتلو ڊي ايڇ او ذوالفقار تنيو کي حڪم جاري ڪيو ته ٻوڏ متاثرن وٽ هر صورت ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم مقرر ڪئي وڃي جيئن انهن کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ٿي سگهن.ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاھد حسين ميتلو نصيرآباد ۾ٽينٽ سٽي جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ھن ڊاڪٽرن کان علاج معالج جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ کين ھدايت ڪئي ته ٽينٽ سٽي تي ھر مريض کي دوا ڏيڻ سميت ڳور ھارين عورتن جي خوراڪ ۽ گھربل دوائن جو خيال رکيو وڃي.ھن ھدايت ڪئي ته شھر سميت يونين ڪائونسلن ۾ به راشن سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ورھايو وڃي، جيئن شفاف تقسيم ٿي سگھي. ھن چيو ته کيس اھڙي رپورٽ روزانو جي بنياد تي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.