رستم لڳ ٻوڏ متاثر نوجوان بک وگهي فوت، قبرستان ۾پاڻي بيٺل، مڙهه دفنائڻ مشڪل

لکي غلام شاھ (رپورٽ:نديم جان مهر) رستم لڳ يوسي ٿانهريو جي ٻوڏ هيٺ آيل  ڳوٺ شيرمحمد بروهي ۾ 45 ورهين جو ميرگل پٽ سعيد خان بروهي بک وگهي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڳوٺ جي چوڌاري ۽ قبرستان ۾ ھڪ مهيني کان برسات جو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري ڳوٺاڻا فوتي جو مڙھ دفنائڻ لاءِ سخت پريشان ٿي ويا.ڳوٺ مان پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ تي متاثرن شڪارپور ضلعي انتظاميا  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن  چيو ته ڳوٺ شيرمحمد بروهي واسي ميرگل بروهي بک وگهي فوت ٿيو آھي، ڊي سي شڪارپور توڙي چونڊيل نمائندن واهر نه ڪئي وئي آھي، شڪارپور انتظاميا خلاف خون جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو. هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته سندن ڳوٺ  مان پاڻي نيڪال ڪرائي  امدادي سامان پهچائي وڌيڪ ماڻھن کي بک وگهي مرڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.