بٺوري ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو ڪراچي-حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو

ميرپور بٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺورو ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف يوسي بچل گگو ۽ ٻنون سان تعلق رکندڙ ڪچي واري علائقي جي  رهواسين محمد خان ڪنڊرا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ڪراچي حيدرآباد روڊ تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي هنن چيو ته درياهه ۾ چاڙهه کان پوءِ سندن ڳوٺ ۽ فصل ٻڏي ويا، مال متاع لڙهي ويو، گذريل هڪ هفتي کان بند تي ٻارن ٻچن سميت بي يار و مددگار ويٺل آهيون، پر سندن ڪا به واهر نه ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته روينيو عملدار سروي بهاني لسٽون ٺاهي گم ٿي ويا، اڃا تائين  کين ڪا به مدد فراهم ناهي ڪئي وئي، گذريل ڏينهن جي برسات ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل رهياسين ۽ هاڻي ٻچا بک وگهي تڙپي رهيا آهن. هنن چيو ته ميرپوربٺورو جي انتظاميا نااهلي جي حد ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري کين فوري طور تي هٽايو وڃي. ٻئي طرف پوليس عملدارن ڳالهيون ڪري ٻوڏ متاثرن کي مدد جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.