ملير ۾ پوليس پاران جوابدار پڪڙِي منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ملير(ڊ.ر)  بن قاسم  پوليس جو علائقي ۾ منشيات خلاف آپريشن، مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪري شڪ جي بنياد تي جوابدار جي جهانگير  پٽ غني پٺاڻ  کي گرفتار ڪري منشيات جي وڏي مقدار هٿ ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او بن قاسم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي ۾ آئيس وڪرو ڪندڙ جهانگير کي گرفتار  ڪيو ويو آهي جنهن اعتراف ڪيو آهي ته هو علائقي ۾ منشيات جو وڪرو ڪندو آهي، جنهن خلاف مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته  ڪراچي پوليس چيف، ايس ايس پي ملير جي هدايتن تي منشيات جي وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن جاري آهي ۽ ڪيترائي منشيات فروش گرفتار ڪيا آهن،هن چيو ته علائقي کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.