ٽنڊو آدم ڪاليج ۾ باھ لڳڻ سبب قيمتي سامان سڙي ويو

ٽنڊو آدم (رپورٽ ممتاز حيدري ) ٽنڊي آدم ۾ گورنمينٽ نيو علي ڳڙھ بوائز ڊگري ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ اوچت بجلي جا وڌيڪ وولٽيج  اچڻ سبب هڪ اي سي ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن بعد سموري ڪمري کي باھ وڪوڙي وئي اسٽاف روم  ڪمري ۾ لڳل 2 ايئر ڪنڊيشنر ، 3 صوفا سيٽ ، پنکا ، دريون ، وائرنگ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو ۔ اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ پهچي باھ تي ضابطو آندو ۽ وڌيڪ ڪمرن کي سڙڻ ۽ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو ڪاليج جي پرنسپال قربان سيال ٻڌايو ته واقعو بجلي جي وڌيڪ وولٽيجز اچڻ سبب ٿيو پر فائربرگيڊ جي بروقت پهچڻ تي وڏي نقصان ٿيڻ  کان محفوظ رهياسين ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.