ڀٽائي جو 279 هو عرس مبارڪ، ادبي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب، فڪر تي ويهڪ، مقالا پيش

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ثقافت کاتي پاران آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 279 هين عرس جي حوالي سان آخري ڏينهن تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ادبي  ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ناميارن شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن، لطيف جي شخصيت، شاعري ۽ فڪر تي ويهڪ ڪئي وئي ۽ مقالا پيش ڪيا ويا، ڪانفرنس جي شروعات لطيف جي سر ڪارايل مان منٺار فقير وائي پيش ڪري ڪئي، ديبا سحر، مائي هنجو ۽ ٻين لطيف جي وائي پيش ڪئي، تقريب جي مختلف نشستن جي ڪارروائي نصير مرزا ۽ ياسر قاضي هلائي، ادبي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب ۾ “لطيف درد کان اميد تائين جو شاعر” ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر شير مهراڻي هو. ان موقعي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين اسحاق سميجو چيو ته اها ڳالهه سوچڻ جي آهي ته ڇا لطيف جي دور جو درد ۽ اڄ جي دور جو درد ساڳيو آهي، درد هڪڙو داخلي ۽ ٻيو خارجي هوندو آهي، لطيف درد کي انساني زندگي ۾ انتهائي اهم جز قرار ڏئي ٿو، لطيف جي هر سر ۾ درد موجود آهي، درد مستقل ۽ خوشي عارضي هوندي آهي ۽ درد ئي زندگي جي جيئڻ جو ڏانءُ سيکاري ٿو. هن چيو ته لطيف جي شاعري ۾ اڄ جي حالتن واري درد جو ذڪر سر سارنگ ۾ موجود آهي، لطيف برسات کي ديوتا ڪري پيش ڪيو آهي، برسات کي هن زندگي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جي معاشري ڪيترن ئي وبائن کي منهن ڏنو آهي، لطيف ماڻهن جو شاعر هو ان ڪري هن ماڻهن جي درد کي گهرائي ۾ ڳايو آهي، لطيف درد سان گڏ خوشي کي ڳايو آهي، لطيف درد جي ور چڙهيل انهن کي خوددار بڻائڻ لاءِ همٿايو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.