شاھ عنايت شهيد جو ميلو، جهوڪ ۾حق موجود جون صدائون بلند

جهوڪ (رپورٽ: محبوب  جلالاڻي) دنيا جي پهرين سوشلسٽ اڳواڻ، جو کيڙي سو کائي انقلابي نعري جي خالق، ڪڙمين جي حقن لاءَ  سرمائيداراڻي نظام خلاف جنگ جوٽي شھادت جو جام نوش ڪندڙ صوفي شاھ عنايت شھيد جو ٽي سئو چوڏهون عرس جهوڪ ۾ شروع ٿي ويو آهي، درگاھ جي گادي نشين صوفي عطاءٌ الله ستاري پنهنجي صوفياڻي سنگ ۽ مختلف درگاهن جي گادي نشينن سان گڏ حويلي کان مزار تي پهچي مزار تي چادر چاڙھي ميلي جي رسمن جو باقاعده افتتاح ڪيو جڏهن ته گادي نشين قصر قلندر تي چبوتري هيٺان پلال تي ويهي صوفياڻي ڪچھري ٻڌي، جنهن ۾ سهڻو فقير، شفيع فقير، منور فقير ۽ ٻين مختلف ڪلام پيش ڪري ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته درگاھ ۽ آس پاس ٽي سئو کان وڌيڪ مختلف نالن سان ٻاريون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ ٽي ڏينهن پرھ ڦٽي تائين راڳ جاري رهندو، ميلي جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف برساتي تباهڪارين باوجود هزارين مريدن جي حق موجود سدا موجود جي صدائن سان جهڪو ۾آمد جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.