لکي جي پ پ ڪارڪنن جو ذوالفقار ڪماريو خلاف احتجاج

لکي غلام شاهه (ن ع آ) لکي غلام شاھ لڳ دودو ڳوٺ ۾ پ پ شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو ۽ ڪامران مهر خلاف پارٽي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ تعلقي صدر لياقت ميمڻ، نائب صدر بلاول مهر، نذير ڀيو، علي گوهر ڀيو، خير محمد بروهي، وزير ڀيو، حبدار علي مهر ۽ خادم حسين شر چيو ته ذوالفقار ڪماريو ڪارڪنن ڪارڪنن کي حراسان ڪري رهيو آهي، سندس رويو نامناسب آهي. هنن چيو ته لکي ۾ برسات سبب پ پ ڪارڪنن جا گهر ڊهي پيا، ووٽر روڊن تي ويٺا دانهون ڪري رهيا آهن پر ذوالفقار ڪماريو کي ايترو به نه ٿو ٿئي ته متاثرن وٽ وڃي انهن کي آٿت ڏي. هنن چيو ته ذوالفقار ڪماريو رڳو ڪرپشن جو نالو آهي، لکي ٽائون مان ٽائون آفيسر کان سوين ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪرائي لکين روپيا منٿلي وٺندو آهي هر مهيني ٽائون ملازمن جي پگهارن مان 10 کان 15 هزار ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي. هنن چيو ته پ پ ضلعي شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو پ پ اڳواڻ ڪامران مهر، پ پ لکي جو جنرل سيڪريٽري نور الدين ابڙو ۽ انفارميشن سيڪريٽري مختيار شاهه هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، جيڪي برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران انهن جو راشن هڙپ ڪري رهيا آهن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،مراد علي شاھ ۽ ٻي قيادت کان مطالبو ڪيو ته لکي ۾ برسات متاثرن سميت تعلقي قيادت جون دانهون ورنايون وڃن ۽ ذوالفقار ڪماريو جي تعلقي لکي مان مداخلت ختم ڪري ڪارڪنن مان مايوسي ختم ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.