ڏوڪري ۾ پورهيت تذليل واقعي جو نبيرو، 7 لک ڏنڊ مقرر

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان فارم ڳوٺ ۾ 10 ڏينهن اڳ پورهيت قربان چانڊيو کي مبينا طور رسن سان ٻڌي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ واري واقعي جو نبيرو گذريل ڏينهن ڏوڪري ۾ پ پ اڳواڻ سردار علي ڏنو خان گاڏهي جي سرپئنچي ۾ ٿيو ان موقعي تي متاثر ڌر جي قاري هدايت الله، صدورو چانڊيو ۽ جوابدار ڌر جي حسين گاڏهي، حاڪم گاڏهي، لياقت گاڏهي شرڪت ڪئي جڏهن ته چانڊيا ڌر پاران علي نواز جلباڻي، قاضي جلباڻي، گاڏهي ڌر پاران يار محمد گاڏهي، فياض پيرزادو ڌرين جي مشيرن طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد گاڏهي ڌر کي ڏوهي قرار ڏئي 7 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو هڪ لک ٿڌي تي معاف ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار ڌر تڏو به بخشرائيندي. واضع رهي ته 10 ڏينهن اڳ پورهيت قربان چانڊيو کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو هو گاڏهي ڌر جي 11 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو 3 جوابدار گرفتار ٿيل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.