نوشهري جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار کي عمر قيد سزا

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي جي شاھي بازار ۾ 6 مھينا اڳ جنوني جوابدار علي شير منگي دڪاندار 25 سالا شادي شدھ نوجوان لاھوتي اصغر راجپوت کي ڏينھن ڏٺي جو ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ھو، جڏھن ته ڀرياسٽي پوليس  بروقت ڪاروائي ڪندي جوابدار علي شير منگي کي آله قتل سميت گرفتار ڪري مٿس خون جو ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو ، جوابدار 2022 ، 04 ، 19 تي نوجوان لاھوتي اصغر علي راجپوت کي قتل ڪيو ھو ، جوابدار پوليس آڏو ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو ھو ، جڏھن ته ڏينھن ڏٺي جو شاھي بازار ۾ سرعام بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان لاھوتي اصغرعلي راجپوت  جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي نوشھروفيروز جي دھشت گردي توڙ عدالت پاران ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جنوني جوابدار علي شير منگي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي سينٽرل جيل نوشھروفيروز موڪلڻ جو حڪم ڏنو ،واضع رھي ته جوابدار ڇھن مھينن کان جيل اندرقيد ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.