اوٻاوڙو لڳ ٻه سڳا ڀائر اغوا، پوليس خاموش، وارث پريشان

اوٻاوڙو  ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ )  اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ ملوڪ بوهڙ جا رھواسي پورھيت ٻه سڳاڀائر عبدالجبار بوھڙ ۽ رجب علي بوھڙپير عزيز ڪرماني وٽ پٽرول پمپ جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نوجوان ٻن ڏينھن کان لاپتا  وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪندي اوٻاوڙو ٿاڻي تي اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي مبينا طور اغوا ٿيلن جي گھر ۾ ماتم ٻن ڏينھن کان چلھه نه ٻري اوٻاوڙو پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ان موقعي تي مبينا طور اغو ٿيندڙ نوجوانن جي ڀاءُ عبدالغفار بوهڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجا ڀائر عبدالجبار بوهڙ رجب علي بوهڙ پير عزيز ڪرماني لڳ پٽرول پنمپ جي دوڪان تي ڪم ڪندا هئا جتان انهن جي ڪجهھ ڏينھن اڳ ون ٽو فائي موٽر سائيڪل  چوري ٿي هئي جنهن کان پو انهن کي فون ائي ته توھان نورشاھ اچو موٽر وٺي وڃو جيڪي موٽر سائيڪل واپس وٺڻ لاءِ ويا ته وري واپس ناهي موٽيا مون کي خدشو آھي ته منھنجي ڀائرن کي ڌاڙيل ڪچي طرف اغوا ڪري کڻي ويا آھن، آءِ جي سنڌ. ايس ايس پي گھوٽڪي منهنجي ڀائرن  کي جلد بازياب ڪرائي گھر ۾ پکڙل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.