خيرپور ۾ ٽن اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ 10 جوابدارن کي 4 ڀيرا عمر قيد جي سزا

خيرپور ( رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج انعام علي ملڪ پوليس مٿان حملو ڪري 3 پوليس اهلڪارن کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ ۽ 3 پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي 10 جوابدارن کي 4، 4 دفعا عمر قيد 28 ،28 لک ڏنڊ ۽ جوابدارن جي سموري ملڪيت ضبط ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڇھ سال اڳ جوابدارن وزير جمالي، حبيب الله ناريجو، شان ناريجو، عبدالمجيد ناريجو، عبدالوحيد الرو، راجه اوڍو، صاحب ناريجو، ڀائي خان ناريجو، وسيم ناريجو، روشن ناريجو ڪچي جي علائقي ايف ايم ناريجو ٿاڻي جي حد ۾ ۾ پوليس پارٽي مٿان حملو ڪري 3 پوليس اهلڪارن مبارڪ علي، مختيار علي، عطا محمد ڀٽو کي گوليون هڻي شهيد ڪيو پوليس اهلڪارن محمد يونس، ﷲ ڏنو، الطاف علي کي زخمي ڪيو جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار بلو ناريجو مارجي ويو هو ۽ ٻه اڻڄاتل جوابدار زخمي ٿي پيا هئا جنهن کي ساٿي جوابدار فائرنگ ڪندي مارجي ويل جوابدار ۽ زخمين کي کڻي فرار ٿي ويا هئا بعد ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدارن مٿان اهڙو ڪيس ثابت ٿيڻ تي عدالت پاران جوابدارن کي 4، 4 دفعا عمر قيد 28 ،28 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد ڪاٽيندا جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽر جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.